پير مظهرالحق

پير مظهرالحق

پير مظهرالحق

پير مظهرالحق: ناميارو سياستدان پير مظهرالحق 14 سيپٽمبر 1949ع تي حيدرآباد ۾ پير شاهنواز جي گهر ۾ جنم ورتو. پير صاحب اڳوڻي وزيراعليٰ پير الاهي بخش جو پوٽو ۽ نامور سياستدان قاضي محمد اڪبر جو ڏوهٽو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ميمبرن ۾ شمار ٿيندڙ پير مظهرالحق بي. اي ۽ ايم. اي (سياسيات) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان ورتيون. پير مظهر ان دؤر ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. جنهن دؤر ۾ ڪيترائي پ. پ ميمبر ضياءَ الحق جي مارشل لا جي دؤر ۾ پارٽيءَ کان ڪناره ڪش ٿي رهيا هئا.
پير مظهرالحق نوجوانيءَ ۾ صحافت به ڪئي ۽ روزاني اخبار ’عبرت‘ ۾ ٻارن جي صفحي ’ٻارن جي ٻاريءَ‘ جو انچارج به رهيو ۽ ’ماما موجيءَ‘ جي نالي سان ڪيترا دلچسپ ليک به لکيائين. کيس ادب جي مطالعي جو ننڍپڻ کان وٺي وڏو چاهه رهيو آهي.
پير مظهر الحق پهريون ڀيرو 1988ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ سنڌ جو ميمبر چونڊيو. ان دوران هو حڪومت سنڌ ۾ هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ جو وزير ۽ پارلياماني معاملن ۽ قانون جو وزير به رهيو. ان کان پوءِ 1990ع، 1993ع ۽ 1997ع تائين مسلسل صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊبو آيو. پرويز مشرف جي دور حڪومت (2002ع) وارين چونڊن دوران پير صاحب خود ساخته جلاوطنيءَ هيٺ ملڪ کان ٻاهر رهيو، پر ان عرصي ۾ سندس نياڻي، مارئي مظهر 2002ع ۾ ايم. پي. اي چونڊي. پير مظهرالحق، پنهنجي سموري سياسي زندگي پيپلز پارٽيءَ کي ارپي آهي ۽ ڪيترا ڀيرا جيل به ويو آهي.
2008ع جي چونڊن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي پوري پاڪستان مان اڪثريت سان کٽيو ته پير مظهر الحق به سنڌ اسيبمليءَ جو ميمبر چونڊجي پارلياماني پارٽيءَ جو ليڊر منتخب ٿيو. هو هن وقت هو سنڌ جو سينيئر وزير آهي ۽ وٽس تعليم ۽ خواندگيءَ جي وزارت جو قلمدان به آهي. ان دوران پير صاحب ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن به رهيو.


لفظ پير مظهرالحقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.09.14  عيسوي

پير مظهرالحق 14 سيپٽمبر 1949ع تي حيدرآباد ۾ پير شاهنواز جي گهر ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رميش چوڌري
خواجه محب علي
پارس حميد
جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان
جانڻ فقير
ظفر الله خان
بزمي نثار جوڻيجو
ذوالفقار علي ڪلهوڙو
ابوالحسن ڪبير سنڌي
حاڪم علي زرداري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون